- Advertisement -
پاڪستان آءِ ايم ايف کي سمورن ترجيحي نقطن تي عمل جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو شروعاتي سيشن مڪمل ٿي ويو، جنهن ۾ آءِ ايم ايف وفد نيٿن پورٽر جي قيادت ۾ پاڪستان جي معاشي ٽيم سان ملاقات ڪئي.
ناڻي واري وزارت موجب، ناڻي واري وزير، گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ توانائي واري وزير جي آءِ ايم ايف مشن سان ڌار ڌار ملاقات شيڊول آهي، ان دوران ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف مشن کي حڪومتي ترجيحن بابت آگاهه ڪيو.
ذريعن موجب، افتتاحي سيشن ۾ آءِ ايم ايف وفد محمد اورنگزيب کي ناڻي واري وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف سان هاڪاري انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، آءِ ايم ايف جي پروگرام تي عمل ڪرڻ تي نگران حڪومت جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي.
ذريعن موجب، ملاقات ۾ آءِ ايم ايف وفد ۽ پاڪستان جي معاشي ٽيم هاڪاري پيغامن جي ڏي وٺ ٿي، پاڪستان آءِ ايم ايف کي سمورن ترجيحي نقطن تي عمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جڏهن ته ناڻي واري وزير سڌارا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
ذريعن موجب، ايف بي آر اوڳاڙين ۾ اضافي جو پلان به پيش ڪري ڇڏيو، گردشي قرضن ۾ گهٽتائي بابت حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف سان نئون پروگرام وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو، نئين پروگرام جي معاملي بابت جائزه مشن ڳالهين ۾ وڌيڪ ڳالهيون ٿينديون.
ٻئي معاشي جائزي تحت پاڪستان آءِ ايم ايف جي سمورن هدفن تي عمل ڪري چڪو آهي ۽ ٻئي معاشي جائزي لاءِ آءِ ايم ايف جي 26 مان 25 هدفن تي عمل مڪمل ٿي ويو آهي.
مرڪزي بئنڪ کان حڪومت لاءِ قرض حاصل نه ڪرڻ، پرڏيهي ادائيگين جي بروقت ادا ڪرڻ جي شرط ٿي چڪو آهي، ٽيڪس اوڳاڙين ۽ ريفنڊ جي ادائگين سميت پاور سيڪٽر جا بقايا وقت تي ڪليئر ڪيا ويا.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، ٽيڪس ڇوٽ ۽ ٽيڪس ايمنسٽي نه ڏيڻ جي شرط تي به مڪمل عمل ڪيو ويو آهي، انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ وچ ۾ ڪرنسي ايڪسچينج ۾ هڪ ڏهائي 25 سيڪڙو جي ريٽ تي عمل ڪيو پيو وڃي، بجلي جي اگهن ۾ ريبيسنگ ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافي جي شرط تي وقت تي عمل ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزارت جا عملدار آءِ ايم ايف مشن کي هدفن تي عمل جي رپورٽ پيش ڪندا، هدفن موجب ايس او ايز قانون ۾ ترميم ۽ ترميمي قانون تي عمل جو شرط مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، ان کانسواءِ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، پاڪستان پوسٽ ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن قانون ۾ ترميم نه ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
