پاڪستان ايئر لائنز ايراني هوائي حدن جو جزوي استعمال شروع ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان ۽ ايران ۾ ڪجهه ڏينهن جي ڇڪتاڻ بعد لاڳاپن جي بهتري بعد پاڪستاني ايئر لائنز ايراني هوائي حدن جو جزوي استعمال شروع ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ ڪيتريون ئي اڏامون ايراني هوائي حدن مان گذريون، ڪيتريون ئي اڏامون نار عمان جو رستو اختيار ڪري رهيون آهن. ايوي ايشن ذريعن موجب، سومر ڏينهن ٽورنٽو کان ڪراچي لاءِ پي آءِ اي جي اڏام تهران کان ٿيندي 2 ڪلاڪن تائين 37 هزار فٽ بلندي تان ايران جي حدن ۾ سفر ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد مان دمام جي اڏام به ايران جي هوائي حدن مان گذري منزل تائين پهتي جڏهن ته دبئي اسلام آباد جي اڏام پي ڪي 112 پڻ ايران جو هوائي رستو استعمال ڪيو. ايوي ايشن ذريعن موجب، سعودي جي شهر الحوف کان اسلام آباد جي خاص اڏام ايران کان ٿيندي منزل تي پهتي جڏهن ته ڪراچي کان استنبول جي اڏام به تهران کان ٿيندي پنهنجي منزل تائين پهتي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون ڪيترين ئي اڏامون سرڪاري هدايتن جي روشني ۾ گلف آف عمان جو هوائي رستو اختيار ڪري رهيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب،  نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني تي دعوت تي ايراني هم منصب 29 جنوري تي پاڪستان پهچندو…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
53%
1.4m/s
0%
آچر
21 °
سُومر
28 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون