- Advertisement -
پاڪستان ايراني جهازن جي پاڪستان ۾ موجودگي بابت رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته نور خان ايئر بيس تي ايراني جهازن جي موجودگي بابت سي بي ايس نيوز جي رپورٽ گمراهه ڪندڙ آهي.
هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ڪوششن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ فرضي موقف ٺاهيا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته جنگ بندي کانپوءِ ڳالهين جي شروعاتي مرحلي دوران ايراني ۽ آمريڪي جهاز پاڪستان جو دورو ڪيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ باضابطا ڳالهيون ٻيهر شروع ناهن ٿيون پر اعليٰ سطحي سفارتي رابطا جاري آهن………- Advertisement -
