- Advertisement -
پاڪستان ايران کان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ ۽ ايراني سفير کي ملڪ مان نيڪاليءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته ايران طرفان پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ايراني قدم جو ڪو به جواز ناهي، پاڪستان ان جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، نتيجن جي ذميواري پوري طرح ايران تي لاڳو ٿيندي.
ايران طرفان پاڪستان جي هوائي حدن ۾ حملن بعد پاڪستان ايران سان رابطا معطل ڪندي پنهنجو سفير ايران مان گهرائڻ ۽ ايراني سفير کي پنهنجي ملڪ واپس وڃن لاءِ چيو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته بلوچستان تي ايراني حملي تي پاڪستان اسلام آباد ۾ ايراني سفير کي واپس وڃن جو چيو آهي.
هن چيو ته ايران طرفان پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته ايران جو قدم گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن توڙي اصولن جي خلاف آهي، اهو غيرقانوني عمل مڪمل طور قبولڻ جوڳو ناهي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ايراني قدم جو ڪو به جواز ناهي، پاڪستان ان جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، نتيجن جي ذميواري پوري طرح ايران تي لاڳو ٿيندي، هن اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته ايران جا اعليٰ سطحي دورا به معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ هلندڙ ۽ طئه ٿيل دورا به معطل ڪيا ويا آهن.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اِها ڳالهه به ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ رابطي جي ڪيترن ئي چئنلن باوجود اهو غيرقانوني عمل ڪيو ويو.
پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان سدائين چيو ته دهشتگردي خطي جي سمورن ملڪن لاءِ گڏيل خطرو آهي، ان لاءِ جامع ڪارروائي جي ضرورت آهي، اهڙيو هڪ طرفيون ڪارروايون سٺن پاڙيسري لاڳاپن موجب ناهن، اهڙا حملا ٻه طرفي اعتماد کي سخت نقصان پهچائي سگهن ٿا.
اڱاري ڏينهن ايراني سڪيورٽي فورسز پاڪستان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي بلوچستان ۾ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا هئا، جنهن ۾ ٻه معصوم ٻارڙا شهيد ۽ ٽي ٻارڙيون زخمي ٿي پيون هيون…..- Advertisement -
