تازه ترين

پاڪستان ايس سي او ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو:جليل عباس جيلاني

- Advertisement -
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ايس سي او ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو، ايران کي مڪمل ميمبر طور ايس سي او ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ايس سي او فورم امن ۽ معيشيت جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، ايس سي او ميمبر آءِ ٽي، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، سي پيڪ علاقائي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سي پيڪ سان ايس سي او ملڪن جي رابطن کي هٿي ملندي. بشڪيڪ ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪندي جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، سي پيڪ علاقائي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ايس سي او ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو، ايران کي مڪمل ميمبر طور ايس سي او ۾ شامل ڪيو ويو آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته ايس سي او فورم معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، معيشيت جي بحالي ۽ امن لاءِ ڪردار اهم ادا ڪري رهيو آهي، ايس سي او ميمبر آءِ ٽي، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته سي پيڪ منصوبي سان ايس سي او ملڪن جي رابطن کي هٿي ملندي، کين هر ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
29 ° C
29 °
29 °
10 %
7kmh
100 %
اربع
25 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون