- Advertisement -
پاڪستان ايڪسٽرنل فنانسنگ گيپ پورو ڪرڻ بابت منصوبو آءِ ايم ايف سان شئير ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت کي هلندڙ مالي سال ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ وڏي اضافي جي اميد آهي ۽ ايڪسٽرنل فنانس گيپ کي سڌو سنئون پرڏيهي سيڙپڪاري سان پورو ڪيو ويندو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ قطر جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي آهي جڏهن ته عرب ملڪ توانائي، ايوي ايشن. معدنيات ۽ زراعت ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪندا.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عرب ڪمپنيون ايئر پورٽن ۽ بندرگاهن کي هلائڻ ۾ سيڙپڪاري ڪنديون، اسلام آباد ايئر پورٽ جي آئوٽ سورسنگ هلندڙ مهيني ٿيڻ جو امڪان آهي………- Advertisement -
