تازه ترين

پاڪستان بنگلاديش واقعن ۾ ملوث هئڻ بابت ڀارتي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان بنگلاديش واقعن ۾ ملوث هئڻ بابت ڀارتي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته بنگلاديش واقعن ۾ ملوث هئڻ بابت رپورٽون ڀارت جي ذهني جنون جي نشاندهي ڪن ٿيون،  پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ هاڪاري لاڳاپا آهن،  پاڪستاني حڪومت ۽ عوام بنگلاديشي عوام سان گڏ آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سعودي عرب جو دورو ڪيو ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، نائب وزيراعظم ڪانفرنس ۾ اسرائيل جي غزا ۾ ڏوهن کي اجاگر ڪيو. سندس چوڻ هو ته هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ پاڪستان، ڪشميرين لاءِ استحصال جو ڏهاڙو ملهايو، پاڪستان، والاريل ڪشمير ۾ عسڪريت پسندي ۾ ملوث هئڻ بابت ڀارتي الزام رد ڪري ٿو. آمريڪا ۾ گرفتار پاڪستاني شهري بابت پڇيل سوال تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته هنن ان حوالي سان آمريڪي بيان ڏٺو آهي، آمريڪي انتظاميا سان آصف مرچنٽ بابت رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته سامونڊي جهاز جي معاملي ۾ گرفتار پاڪستانين تائين قونصلر جي پهچ فراهم ڪئي وئي هئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ هاڪاري لاڳاپا آهن، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام بنگلاديشي عوام سام ٻڌي جو اظهار ڪري ٿو، وزيراعظم شهباز شريف، ڊاڪٽر محمد يونس کي چيف ايڊوائيزر مقرر ٿيڻ تي مبارڪ پيش ڪئي. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته بنگلاديش جي واقعن ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جا سمورين رپورٽن کي رد ڪن ٿا، اهڙيون رپورٽون ڀارت جي پاڪستان بابت ذهني جنون کي ظاهر ڪن ٿيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز هرا بلوچ چيو ته پاڪستان طرفان ايران کي شاهين ميزائل ڏيڻ بابت خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي، سڄي قوم ارشد نديم کي پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽڻ تي مبارڪ پيش ڪري رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
12 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
42 %
2.2kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون