تازه ترين

پاڪستان بنگلاديش کي ستن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو،

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان ايشياڪپ جي سپر فور مرحلي جي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلايشي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوري ٽيم 38  ڏهائي 4 اوورن ۾ 193 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

بنگالي ٽيم طرفان مشفقر الرحيم 64، ۽ ڪپتان شڪيب الحسن 53 رنسون ٺاهي ناميان رهيا.

پاڪستان طرفان حارث رئوف 4، نسيم شاهه 3، شاهين آفردي، فهيم اشرف ۽ افتخار احمد هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

بنگلاديش طرفان مليل 194 رنسن جو حدف قومي ٽيم 39 ڏهائي 3 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

پاڪستان طرفان امام الحق 78، محمد رضوان 63، فخر خمان 20 بابر اعظم 17 ۽ آغا سلمان 12 رنسون ٺاهيون.

بنگلاديش طرفان تسڪين احمد، شروف الاسلام ۽ مهدي حسن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. شاندار بالنگ تي حارث رئوف کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
39 %
0.6kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون