تازه ترين

پاڪستان تحريڪ انصاف آمريڪا ۾ پاڪستان خلاف نئون محاذ کولڻ جي تياري

- Advertisement -
پاڪستان تحريڪ انصاف آمريڪا ۾ پاڪستان خلاف نئون محاذ کولڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. عام چونڊن کي نقصان پهچائڻ، رياستي ادارن تي منظم حملا ۽ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، اليڪشن 2024 تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ڳري سيڙپڪاري جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب، تحريڪ انصاف کي لکين ڊالر سمنڊپار ميمبرن ۽ مختلف ڪردارن پاران فراهم ڪيا ويا آهن، نئين منصوبي جو مقصد پاڪستان کي سفارتي ۽ انساني حقن جي ادارن ذريعي پاڪستان تي دٻاءُ وڌائڻ آهي. حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي عالمي دٻاءُ ذريعي پي ٽي آءِ جي باني ۽ تحريڪ انصاف لاءِ رعايت حاصل ڪرڻ نئين منصوبي جو بنيادي مقصد آهي. سنگين نوعيت ۾ ملوث سياسي پارٽيءَ جو سربراهه رعايت چاهي ٿو، پي ٽي آءِ جي باني ۽ ساٿين کي 9 مئي واري واقعي مان ڪڍڻ به اصل مقصد آهي. هڪ سياسي پارٽيءَ جو سربراهه جيڪو هن وقت سنگين نوعيت جي پنجن ڪيسن ۾ ملوث آهي، پنهنجي ڏوهن کي پرڏيهي دٻاءَ ذريعي لڪائڻ چاهي ٿو، حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پنج قانوني ڪيسن کي وڌائي 2 سئو ڪيسن جو ڊرامو رچائڻ چاهي ٿو. اهڙي طرح 9 مئي کي فالس فليگ آپريشن ثابت ڪري فوج ۽ عوام ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ به مقصد ۾ شامل آهي، 8 فيبروري جي چونڊن کي تڪراري بڻائڻ ۽ پي ٽي آءِ کي مقبول ترين پارٽي ظاهر ڪرڻ منصوبي جو حصو آهي. ذريعن موجب هدف حاصل ڪرڻ لاءِ منصوبي تي عمل جي شروعات به ڪئي وئي آهي جنهن جا ثبوت ادارن حاصل ڪري ورتا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
47 %
4.4kmh
1 %
اربع
26 °
خميس
34 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون