- Advertisement -
پاڪستان جو ٻيو سيٽلائٽ زميني مدار ۾ پهچي ويو آهي.
اسپارڪو جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو يوو ته 30 مئي تي خلا ۾ موڪليل پاڪستان جو ٻيو ڪميونيڪشن سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون پنهنجي زميني مدار ۾ پهچي ويو آهي.
پاڪ سيٽ ايم ايم ون زمين کان 38 هزار 786 ڪلوميٽر جي بلنديءَ تي موجود آهي، سيٽلائيٽ زميني مدار ۾ 38 ڊيش 2 اوڀر تي موجود آهن، 5 ٽن وزني پاڪ سيٽ ايم ايم ون مواصلات جي جديد ترين اوزارن سان ليس آهي، جنهن ذريعي ملڪ ۾ تيز ترين انٽرنيٽ جي سهولت ملي سگهندي.
اسپارڪو جي ترجمان چيو ته مدار ۾ پهچڻ بعد سيٽلائيٽ جا سولر پينل استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.- Advertisement -
