- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي فوج جا ظلم جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 68 فلسطيني اسرائيل جي دهشتگردي جو نشانو بڻجي وييا جڏهن ته 285 ڄڻا زخمي ٿي ويا.
فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته النصيرات ڪيمپ ۾ اسڪول تي حملي ۾ ميئر سميت 42 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
فلسطيني اختيارين موجب، خان يونس ۾ بمباري ۾ 8 ڄڻن شهادت جو جام پيتو جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
فلسطيني ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيدن ٿيلن جو انگ 36 هزار 650 فلسطيني شهيد ٿي ويو آهي جڏهن ته 83 هزار 2 سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.- Advertisement -
