تازه ترين

پاڪستان جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام لاءِ ڳالهين ۾ مددگار ثابت ٿيندي : عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز

- Advertisement -
عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز چيو آهي ته پاڪستان جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام لاءِ ڳالهين ۾ مددگار ثابت ٿيندي، پاڪستان ترقيءَ جي شرح 3 ڏهائي 6 سيڪڙو رکي آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. موڊيز پاڪستان جي بجيٽ تي تبصرو ڪندي چيو ته حڪومت جون اڌ کان وڌيڪ اوڳاڙيون وياج جي ادائيگي تي خرچ ٿينديون، مهانگائي سبب سماجي ڇڪتاڻ ٻيهر پيدا ٿي سگهي ٿي. موڊيز موجب مهانگائي جو سڌارن واري پروگرام تي اثر ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ترقيءَ جي شرح 3 ڏهائي 6 سيڪڙو رکي آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ريٽنگ ايجنسي چيو ته مالي استحڪام لاءِ ٽيڪسن ۾ اضافي ۽ ترقي جي شرح تي ڀاڙيو ويو آهي، سڌارن تي قائم رهڻ بجيٽ حدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم هوندو. موڊيز موجب حڪومت وٽ مضبوط اليڪٽورل مينڊيٽ نه هجڻ سبب سڌارن وارو عمل ڏکيو ٿي سگهي ٿو، روينيو ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٽيڪسن ۾ اضافي جو سبب آهي، توانائي جي شعبي ۾ هڪ ڏهائي 4 ٽريلين رپيا سبسڊي ظاهر ڪري ٿي  ته ان شعبي ۾ سڌارا محدود آهن……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
46 %
1.8kmh
42 %
ڇنڇر
24 °
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون