تازه ترين

آمريڪا ۽ آئرلينڊ وچ ۾ برسات سبب ميچ نه ٿيڻ ڪري پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ کان ٻاهر ٿي ويو

- Advertisement -
آمريڪا ۽ آئرلينڊ وچ ۾ برسات سبب ميچ نه ٿيڻ ڪري پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ کان ٻاهر ٿي ويو آهي. فلوريڊا ۾ رٿيل آمريڪا ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ميچ مسلسل برسات سبب نه ٿي سگهي، جنهن ڪري ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو. هڪ پوائنٽ ملڻ بعد آمريڪا جا 5 پوائنٽ ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڪينيڊا کي شڪست ڏني هئي. پاڪستان ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچ ۾ آمريڪا کان سپر اوور ۾ شڪست کاڌي، جڏهن ته  ڀارت کان به کٽيل ميچ هارائي ۽ رڳو ڪينيڊا کي ميچ کٽي، جنهن ڪري قومي ٽيم جا ٻه پوائنٽ آهن، آئرلينڊ کان کٽڻ جي صورت ۾ به پاڪستان جا 4 پوائنٽ ٿيندا، ان ڪري قومي ٽيم سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءَ نه ڪري سگهندي. گروپ ايَ مان ڀارت ۽ پهريون ڀيرو ورلڊڪپ کيڏندڙ آمريڪا سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
38 %
0.4kmh
21 %
ڇنڇر
24 °
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون