تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان جي سرزمين تي افغانستان مان آندل پرڏيهي هٿيار استعمال ٿيڻ جا ثبوت ٻيهر سامهون اچي ويا

- Advertisement -
پاڪستان جي سرزمين تي افغانستان مان آندل پرڏيهي هٿيار استعمال ٿيڻ جا ثبوت ٻيهر منظر عام تي اچي ويا آهن، پاڪ فوج گذريل ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي، سڀني کي اها ڄاڻ آهي ته دهشتگردن کي افغانستان ۾ آمريڪا جا ڇڏيل هٿيار دستياب آهن، دهشتگردن کي هٿيارن جي فراهمي خطي جي سلامتي کي خاطر خواهه نقصان پهچايو آهي، خاص طور پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو آهي. 25 ۽ 26 مارچ جي وچ واري رات بي ايل اي جي دهشتگردن تربت ۾ سامونڊي فوج جي پي اين ايس صديق تي حملي جي ڪوشش ڪئي. سڪيورٽي فورسز آپريشن دوران ايم 32، ملٽي شاٽ گرينڊ لانچر، ايم 16، نائٽ ٿرمل ويزن ۽ ٻيا آمريڪي هٿيار هٿ ڪيا. بي ايل اي جي دهشتگردن 20 مارچ تي گوادر پورٽ اٿارٽي ڪامپليڪس تي بزدلاڻو حملو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. جي پي اي تي حملي دوران بي ايل اي جي دهشتگردن آمريڪي هٿيار استعمال ڪيا، سڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي دوران آمريڪي هٿيار هٿ ڪيا. دهشتگردن وٽان هٿ آيل آمريڪي هٿيارن ۾ اي ڪي 47، ايم 16، گرينڊ لانچر ۽ هينڊ گرينيڊ شامل هئا. 29 جنوري تي اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز انٽيليجنس آپريشن ڪيو، آپريشن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ دهشتگرد نيڪ من الله کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. دهشتگرد وٽان هٿ آيل هٿيار آمريڪي هئا جن ۾ ايم 4 ۽ ٻيا شامل هئا. 22 جنوري تي زوب ضلعي ۾ سمبازا وٽ ستن دهشتگردن کي سڪيورٽي فورسز جهنم ڀيڙو ڪيو، دهشتگردن وٽان هٿ آيل هٿيار پرڏيهي هئا جنهن ۾ ايم 16، اي ڪي 47، سليپنگ بيگز، هينڊ گرينيڊ ۽ ٻيا هٿيار شامل هئا. افغانستان مان جديد آمريڪي هٿيارن جي پاڪستان سمگلنگ، ٽي ٽي پي جو سڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستاني عوام خلاف آمريڪي هٿيارن جو استعمال افغان عبوري حڪومت جو پنهنجي ڌرتي پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيڻ جي دعوائن تي وڏو سواليه نشان آهي. يورو ايشين ٽائمز جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي ڪاررواين ۾ آمريڪي هٿيارن جو به استعمال ڪيو پيو وڃي. پينٽاگون موجب، آمريڪا افغان فون کي ٽوٽل 4 لک 37 هزار جنگي هٿيار فراهم ڪيا جنهن ۾ 3 لک نڪرڻ وقت رهجي ويا، ان بنياد تي خطي ۾ گذريل ٻن سالن دوران دهشتگردي ۾ وڏي پيماني تي اضافو ڏسڻ ۾ آيو. پينٽاگون موجب، آمريڪا 2005ع کان آگسٽ 2021ع دوران افغان قومي، دفاعي ۽ سڪيورٽي فورسز کي 18 ڏهائي 6 ارب ڊالر جو سامان فراهم ڪيو، آمريڪا جي نڪرڻ بعد هٿيارن ٽي ٽي پي کي سرحد پار دهشتگرد حملن ۾ مدد ڏني. اهي سموريون حقيقتون ان ڳالهه جي طرف اشارو ڪن ٿيون ته افغان ريجيم نه رڳو ٽي ٽي پي کي هٿياربند ڪري رهي آهي پر ٻين دهشتگرد تنظيمن لاءِ محفوظ رستو به فراهم ڪري رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون