تازه ترين
سنڌ حڪومت پاران ٽيڪس چورن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو پوليس ڏوهن جي خاتمي ۽ عوام کي تحفظ لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهي : آءِ جي سنڌ شڪارپور جي عدالت چرس رکڻ جي ڏوھه ۾ جوابدار کي 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي سگرار مان اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ جوڙيل گڏيل جوائنٽ انويٽيگيشن جو اجلاس نوابشاه... ميان صاحب ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريڊ سسٽم ۾ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو ا... غزه تي پاڪستان ۽ ايران جو موقف ساڳيو آهي، پرڏيهي آفيس پنجاب حڪومت طرفان ايمرجنسي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ حادثن جي صورت ۾ ائير ايمبولينس سروس استعمال ڪرڻ جو فيص... ڪي پي جي وڏي وزير طرفان اسلام آباد تي حملي جي ڌمڪي نهايت سنگين معاملو آهي : خواجا سعد رفيق پاڪستان خطي ۾ سڀ کان اهم شراڪت دارن مان هڪ آهي، آمريڪا جو پاڪستان سان مضبوط رشتو آهي : ويدانت پٽيل

پاڪستان جي سرزمين تي افغانستان مان آندل پرڏيهي هٿيار استعمال ٿيڻ جا ثبوت ٻيهر سامهون اچي ويا

پاڪستان جي سرزمين تي افغانستان مان آندل پرڏيهي هٿيار استعمال ٿيڻ جا ثبوت ٻيهر منظر عام تي اچي ويا آهن، پاڪ فوج گذريل ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي، سڀني کي اها ڄاڻ آهي ته دهشتگردن کي افغانستان ۾ آمريڪا جا ڇڏيل هٿيار دستياب آهن، دهشتگردن کي هٿيارن جي فراهمي خطي جي سلامتي کي خاطر خواهه نقصان پهچايو آهي، خاص طور پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو آهي.

25 ۽ 26 مارچ جي وچ واري رات بي ايل اي جي دهشتگردن تربت ۾ سامونڊي فوج جي پي اين ايس صديق تي حملي جي ڪوشش ڪئي.

سڪيورٽي فورسز آپريشن دوران ايم 32، ملٽي شاٽ گرينڊ لانچر، ايم 16، نائٽ ٿرمل ويزن ۽ ٻيا آمريڪي هٿيار هٿ ڪيا.

بي ايل اي جي دهشتگردن 20 مارچ تي گوادر پورٽ اٿارٽي ڪامپليڪس تي بزدلاڻو حملو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.

جي پي اي تي حملي دوران بي ايل اي جي دهشتگردن آمريڪي هٿيار استعمال ڪيا، سڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي دوران آمريڪي هٿيار هٿ ڪيا.

دهشتگردن وٽان هٿ آيل آمريڪي هٿيارن ۾ اي ڪي 47، ايم 16، گرينڊ لانچر ۽ هينڊ گرينيڊ شامل هئا.

29 جنوري تي اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز انٽيليجنس آپريشن ڪيو، آپريشن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ دهشتگرد نيڪ من الله کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.

دهشتگرد وٽان هٿ آيل هٿيار آمريڪي هئا جن ۾ ايم 4 ۽ ٻيا شامل هئا.

22 جنوري تي زوب ضلعي ۾ سمبازا وٽ ستن دهشتگردن کي سڪيورٽي فورسز جهنم ڀيڙو ڪيو، دهشتگردن وٽان هٿ آيل هٿيار پرڏيهي هئا جنهن ۾ ايم 16، اي ڪي 47، سليپنگ بيگز، هينڊ گرينيڊ ۽ ٻيا هٿيار شامل هئا.

افغانستان مان جديد آمريڪي هٿيارن جي پاڪستان سمگلنگ، ٽي ٽي پي جو سڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستاني عوام خلاف آمريڪي هٿيارن جو استعمال افغان عبوري حڪومت جو پنهنجي ڌرتي پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيڻ جي دعوائن تي وڏو سواليه نشان آهي.

يورو ايشين ٽائمز جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي ڪاررواين ۾ آمريڪي هٿيارن جو به استعمال ڪيو پيو وڃي.

پينٽاگون موجب، آمريڪا افغان فون کي ٽوٽل 4 لک 37 هزار جنگي هٿيار فراهم ڪيا جنهن ۾ 3 لک نڪرڻ وقت رهجي ويا، ان بنياد تي خطي ۾ گذريل ٻن سالن دوران دهشتگردي ۾ وڏي پيماني تي اضافو ڏسڻ ۾ آيو.

پينٽاگون موجب، آمريڪا 2005ع کان آگسٽ 2021ع دوران افغان قومي، دفاعي ۽ سڪيورٽي فورسز کي 18 ڏهائي 6 ارب ڊالر جو سامان فراهم ڪيو، آمريڪا جي نڪرڻ بعد هٿيارن ٽي ٽي پي کي سرحد پار دهشتگرد حملن ۾ مدد ڏني.

اهي سموريون حقيقتون ان ڳالهه جي طرف اشارو ڪن ٿيون ته افغان ريجيم نه رڳو ٽي ٽي پي کي هٿياربند ڪري رهي آهي پر ٻين دهشتگرد تنظيمن لاءِ محفوظ رستو به فراهم ڪري رهي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
30 %
4kmh
97 %
ڇنڇر
21 °
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
21 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون