تازه ترين

بشام حملي جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان چيني حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ آهي :ممتاز زهرا بلوچ

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته بشام حملي جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان چيني حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ آهي، بشام حملي ۾ پاڪستان ۽ چين جا دشمن ملوث آهن، پاڪستان هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مذمت ڪري ٿو.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ چين ٻه مضبوط ترين پاڙيسري ۽ ڀاءُ ملڪ آهن، بشام حملي جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان چيني حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ آهي، بشام حملي ۾ پاڪستان ۽ چين جا دشمن ملوث آهن.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته هو دهشتگردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مذمت ڪري ٿو، چيني شهرين جي هر ممڪن سڪيورٽي يقيني بڻائي ويندي.

هن چيو ته فلسطين ۾ جاري بربريت کي ختم ٿيڻ گهرجي، ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن جو خاتمو به ٿيڻ گهرجي، ڪشميرين جي حق خوداراديت ملڻ تائين حمايت جاري رکندا.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڪامرس سيڪريٽري افغانستن جو دورو ڪيو، ڪامرس سيڪريٽري افغان اختيارين سان واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ بابت ڳالهيون ڪيون.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
20 ° C
20 °
20 °
30 %
4.3kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
22 °
سُومر
19 °
اڱارو
21 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون