تازه ترين

پاڪستان جي سڪيورٽي جو فيصلو پاڪستاني قوم ڪندي، پاڪستان تي ماضيءَ ۾ به گھڻيون پابنديون لڳيون پر هنن پنهنجي سڪيورٽي تي ڌيان رکيو:ممتاز زهريٰ بلوچ

- Advertisement -
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ چيو آهي پاڪستان جي سڪيورٽي جو فيصلو پاڪستاني قوم ڪندي، پاڪستان تي ماضيءَ ۾ به گھڻيون پابنديون لڳيون پر هنن پنهنجي سڪيورٽي تي ڌيان رکيو. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ممتاز زهرى چيو ته امريڪي پابندين سان پاڪستان جي دفاع ۽ دفاعي فيصلن تي ڪو فرق نه پوندو. سندس چوڻ هو ته امريڪا آمريڪا جون پاڪستاني ميزائل پروگرام تي پابنديون غير ضروري ۽ ناانصافي تي  ٻڌل آهن، پاڪستان ڪڏهن به اهو نه چيو ته امريڪا سان اهڙا لاڳاپا چاهين ٿا ته جنگ جي صورتحال پيدا ٿئي ۽ ميزائل جي ضرورت پيش اچي. هن چيو ته ميزائل سسٽم ۽ ايٽمي ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ڀارت خطي ۾ شروع ڪئي، وڏين طاقتن کي ڀارت خلاف قدم کڻڻ گهرجن. فوجي عدالتن بابت يورپي يونين جي خدشن تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان جو آئين ۽ عدالتون اندروني مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، پاڪستاني قوم ڄاڻي ٿي ته پنهنجا اندروني مسئلا ڪيئن حل ڪيا وڃن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21 ° C
21 °
21 °
60 %
0.1kmh
100 %
خميس
25 °
جمعو
24 °
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون