تازه ترين

پارلياماني جمهوري نظام پوليٽيڪل ڊائيلاگ کانسواءِ اڳتي نٿو هلي سگهي: راڻا ثناءُ الله

- Advertisement -
مخالف ڌر سان ڳالهين واري حڪومتي ڪميٽي جي ميمبر ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پارلياماني جمهوري نظام پوليٽيڪل ڊائيلاگ کانسواءِ اڳتي نٿو هلي سگهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڳالهين بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مخالف ڌر کي جيڪي ڳالهيون ڪرڻيون آهن ڪري، هو به پنهنجو موقف رکندا، پوليٽيڪل ڊائيلاگ سان کي وچ جو رستو نڪرندو. سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ رستو ڪڍي، اهو نٿو ٿي سگهي ته ڪو سئو سيڪڙو هڪٻئي جي ڳالهه مڃي وٺي. مخالف ڌر سان ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته جڏهن ن ليگ کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پئي ويو، تڏهن به چيو هو ته چارٽر آف اڪانامي ڪريو، سندن اڄ به اهو ئي موقف آهي ته پوليٽيڪل ڊائيلاگ ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21 ° C
21 °
21 °
60 %
0.1kmh
100 %
خميس
25 °
جمعو
24 °
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون