پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي

- Advertisement -
پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پاڪستان جي مسقم نمائندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيلي حملن ۾ نه صرف عام شهري پر طبي عملي کي به ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو پيو وڃي جيڪو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته غزه جي عوام کي به آزادي، سلامتي ۽ وقار سان جيئڻ جو حق حاصل آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته غزه جي فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي کي يقيني بڻائي ۽ ان جي ٻيهر تعمير ۾ ڀرپور سهڪار ڪري. پاڪستاني سفير فلسطينين جي جبري ملڪ بدري کي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو ته انساني حقن جو اهترام ڪرڻ لازم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
26%
4.1m/s
6%
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون