تازه ترين

پاڪستان خلاف سوشل ميڊيا ذريعي منظم سازش ڪئي پئي وڃي، سڀني کي گڏجي هن کان ناڪام بڻائڻو آهي : سرفراز بگٽي

- Advertisement -
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته پاڪستان خلاف سوشل ميڊيا ذريعي منظم سازش ڪئي پئي وڃي، سڀني کي گڏجي هن کان ناڪام بڻائڻو آهي. ڪوئيٽا ۾ گرلز ڪاليج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته مستونگ جي ٻارن جو ڪهڙو گناهه هو جو کين 2 هفتا اڳ شهيد ڪيو ويو، اوهان معصوم ٻارن جو رت وهايو ته ڇا ٿيو، تعليم بند ٿي وئي؟. سندس چوڻ هو ته هو پنهنجا اسڪول ۽ ڪاليج ويران ٿيڻ نه ڏيندا، شاگردن جي مدد سان دهشتگردي جو مقابلو ڪندا، بلوچستان ۾ ڪرپشن جهڙو دهشتگردي جو چئلينج آهي اهو به ختم ٿيندو. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته يوٿ کي سندس ڪلهو ٿيڻو آهي، نياڻيون سندس ڪلهو ٿينديون ته هتان ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو، اوهان سوشل ميڊيا ذريعي ڪرپشن جو معاملو هن تائين پهچايو. هن چيو ته هو گڏجي بلوچستان کي اڳتي وٺي ويندا، عورتن کي بااختيار بڻائڻ سندن هڪ خواب آهي، مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين کي معاشري ۾ ڪردار ادا ڪرڻو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته ٻين ملڪن ۾ منظم قسم جي سيل ويهي ڪري پاڪستان خلاف سازش ڪري رهي آهي، اوهان کي پاڪستان ۽ رياست کان پري ڪندا آهن. سرفراز بگٽي چيو ته رياست خلاف ٻارن جي ذهن سازي ڪئي پئي وڃي، پاڪستان آهي ته هو سڀ آهن، اوهان کي ملڪ کي اڳتي وڌائڻو آهي، سوشل ميڊيا ذريعي منظم سازش ڪئي پئي وڃي، سڀني کي گڏجي هن کان ناڪام بڻائڻو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.9 ° C
25.9 °
25.9 °
44 %
2.4kmh
1 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون