گوادر پورٽ خلاف مهم هلائيندڙ ملڪ دشمن آهن:شهباز شريف

spot_img
وزيراعظم شهباز شريف گوادر پورٽ خلاف مهم کي ملڪ دشمني قرار ڏيندي چيو آهي ته  گوادر پورٽ خلاف مهم هلائيندڙ ملڪ دشمن آهن، چين پنهنجي وسيلن سان پاڪستان کي گوادر هوائي اڏي جو تحفو ڏنو آهي، گوادر هوائي اڏي سان ملڪي معيشيت کي فائدو ٿيندو،  ملڪي معاشي اشارا هاڪاري آهن، حڪومت اليڪٽريڪل گاڏين تي خاص طور ڌيان ڏئي رهي آهي،  ورلڊ  بئنڪ جي ڊگهي مدي واري فريم ورڪ سان ملڪي معيشيت مضبوط ٿيندي،  دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم قربانيون ڏئي رهي آهي،  دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿيل جوانن جي قربانين کي وساري نه ٿو سگهجي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته غزا ۾ رتوڇاڻ بعد جنگبندي ٿي آهي، 50 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ڪيا ويا، غزا ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ پاڪستان ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته گوادر ايئرپورٽ فعال ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي، ان منصوبي تي چين 230 ملين ڊالر سيڙپڪاري ڪئي آهي، گوادر کي ناڪام بڻائڻ لاءِ رتوڇاڻ ۽ مهم ملڪ دشمني کانسواءِ ڪجهه به ناهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن، فورسز جا جوان قوم جي مستقبل ۽ امن لاءِ عظيم قربانيون ڏئي رهيا آهن، جنهن کي قوم کي  سندن ٿورائتو رهڻ گهرجي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
26%
2m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °

تازه ترين خبرون