تازه ترين

پاڪستان روس سان ڪيترن ئي شعبن خاص طور توانائي، واپاري ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ چاهي ٿو : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان روس سان ڪيترن ئي شعبن خاص طور توانائي، واپاري ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ چاهي ٿو. اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان روس جي سفير البرٽ پي خوريف ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف  ماسڪو ۾ ٿيل دهشتگرد حملي تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڏک جي گهڙي ۾ روسي حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم، روسي صدر پيوٽن طرفان ٻيهر چونڊجڻ تي اماڻيل مبارڪ جي پيغام تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان روس سان ڪيترن ئي شعبن خاص طور توانائي، واپاري ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ چاهي ٿو. وزيراعظم بين الحڪومتي ڪميشن جو نائون اجلاس جلد گهرائڻ تي زور ڀريو، اجلاس جي ميزباني هلندڙ سال جي آخر ۾ روس ڪندو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا وڌائڻ لاءِ اعليٰ سطحي وفدن جي خيالن جي ڏي وٺ تي به زور ڀريو، وزيراعظم شهباز شريف صدر پيوٽن کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت به ڏني. روسي سفير جو چوڻ آهي ته روس پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو، توانائي، واپاري ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ روس تعليم ۽ ثقافت ۾ سهڪار وڌائڻ جو خواهشمند آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
23 %
2.2kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون