- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ايف بي آر جي ڪٽوتين ۽ ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪيو ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ايف بي آر جي گاڏين جي رجسٽريشن جي مد ۾ 6 بلين رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي، اٺن سالن دوران پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ کي ڪو منصوبو نه ملي سگهيو آهي، برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ مخصوص فنڊ به جاري نه ڪيا ويا آهن.
وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ملاقات ڪئي آهي.
اجلاس ۾ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ ناڻي واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي.
ناڻي واري وفاقي وزير، وڏي وزير کي پنهنجي اسٽاڪ ايڪسچينج جي دوري ۽ واپارين سان ملاقات بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ محمد اورنگزيب سمال ميڊيم انٽرپرائزز کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
اجلاس ۾ ايف بي آر جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ڊيجيٽلائيزيشن بابت ڳالهيون ڪيون ويون، وڏي وزير پاران ايف بي آر جي ڪٽوتين ۽ ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪيو ويو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ڪاميابي جو هڪ بهتر مثال آهي، صنعتڪار گيس جي وڌندڙ قيمتن جي حوالي سان پريشان آهن.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته هو پيٽروليم واري وفاقي وزير سان ڳالهائيندو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته کين فصلن جي پيداواري صلاحيت وڌائڻي پوندي جنهن تي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز سيڪٽر ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو، کين زرعي برآمدگي کي طرف وڌڻو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو زراعت ۽ صنعتي ترقي تي ڌيان ڏئي رهيا آهن، ٻوڏ سبب متاثر روڊن، اسڪولن ۽ گهرن جي تعمير شروع ٿي چڪي آهي، هو ڪراچي ۾ واٽر ۽ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پراجيڪٽس ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته 2015ع ۾ ايف بي آر گاڏين جي رجسٽريشن جي مدد ۾ هڪ ارب جي نيوز پڙهي ڪري سنڌ جي 6 بلين جي ڪٽوتي ڪئي وئي، هاڻي وفاقي حڪومت حيسڪو ۽ سيپڪو جي مد ۾ 13 بلين رپيا ڪٽوتي ڪيا آهن.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وڏي وزير کي چيو ته ايف بي آر ۽ سنڌ سرڪار ۾ مسئلن کي حل ڪيو ويندو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اٺن سالن دوران پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ کي ڪو منصوبو نه ملي سگهيو آهي، برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ مخصوص فنڊ به جاري نه ڪيا ويا آهن.- Advertisement -
