- Advertisement -
پاڪستان ريلوي، عيد الاضحيٰ جي موقعي تي 3 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پهرين عيد اسپيشل ٽرين ڪراچيءَ کان لاهور تائين هلندي، ٻي ٽرين ڪراچيءَ کان فيصل آباد ۽ ٽئين اسپيشل ٽرين ڪوئيٽا کان لاهور جي رستي راولپنڊي تائين ويندي.
ريلوي کاتي عيد تي اسپيشل ٽرينون هلائڻ جي تيارين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
عيد کان اڳ مسافرن جي رش وڌي ويندي آهي، جنهن سبب ريلوي انتظاميا طرفان اضافي ٽرينون هلائي سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن..- Advertisement -
