- Advertisement -
پاڪستان زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل شاهين 2 جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب موجب شاهين 2 بيلسٽڪ ميزائل زمين کان زمين تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ميزائل جي ٽريننگ لانچ جو مقصد تربيت ۽ فني معيارن جو جائزو وٺڻ هو.
آءِ ايس پي آر موجب اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي سينيئر آفيسرن، آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ، اسٽريٽجڪ تنظيمن جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن تربيتي لانچ جو مشاهدو ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي فني مهارت ۽ ڪم کي ساراهيو.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي واڌايون ڏنيون آهن.
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس پڻ سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ڪاميابي تي مبارڪ ڏني.- Advertisement -
