تازه ترين

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڌرتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڌرتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، اڄوڪي ڏينهن جو مقصد ماحول جي تحفظ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. 1970ع ۾ دنيا ۾ پهريون ڀيرو ڌرتي جو ڏهاڙو ملهايو ويو ۽ ماحول جي بقا لاءِ ڪوششن جي شروعات ٿي. پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڌرتي جو ڏهاڙو سياره مقابلو پلاسٽڪ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد 2040 تائين پلاسٽڪ جي پيداوار ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي آڻڻ آهي. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ دنيا ۾ پلاسٽڪ جي پيداوار 20 لک ٽن هئي، جيڪا هاڻي 450 ملين ٽن ٿي وئي آهي. گڏيل قومن پاران جاري ڪيل هڪ تحقيق موجب پاڪستان ۾ هر سال 33 لک ٽن پلاسٽڪ ڪچرو پيدا ٿئي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته پلاسٽڪ تيزي سان زمين کي گدلو ڪري رهي آهي ۽ ڪلائميٽ چينج جهڙي خطري جو وڏو سبب پلاسٽڪ آهي، پلاسٽڪ انسانن کانسواءِ سامونڊي زندگيءَ لاءِ پڻ انتهائي نقصانڪار آهي ۽ اها سڌو سنئون سندن جسم جو حصو بڻجي رهيو آهي. ماهرن موجب، پلاسٽڪ مان ڇوٽڪاري لاءِ لازمي آهي ته جيترو ٿي سگهي پلاسٽڪ جي استعمال تي ضابطو آندو وڃي ۽ جيڪڏهن استعمال اڻٽر هجي ته ٻيهر استعمال جي قابل پلاسٽڪ تي ڀروسو ڪرڻ جي ضرورت آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
28 %
1.1kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون