- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان فلسطينين جو گهر آهي، پاڪستانين جو دليون سندن لاءِ ڌڙڪنديون آهن، پاڪستان فلسطيني ۽ لبناني ڀائرن سان گڏ آهي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سندن گهر ۽ تعليمي ادارا فلسطينين لاءِ حاضر آهن، پاڪستان به فلسطينين جو گهر آهي.
هن چيو ته اسرائيل ڏاڍ جو مظاهرو ڪري 43 هزار فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا، پر عالمي برادري غزا ۾ جنگبندي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ناهي ڪري سگهي.
وزيراعظم چيو ته اسرائيلي فوج اسڪولن، اسپتالن ۽ پناهگاهن تي بمباري ڪري رهي آهي ۽ گڏيل قومن جي سفارشن کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، سڪيورٽي ڪائونسل ۽ عالمي عدالت به اسرائيل آڏو بيوس آهي.
شهبازشريف، فلسطيني شاگردن کي سموريون سهولتن جي فراهمي جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پاڪستان فلسطيني ۽ لبناني ڀائرن سان گڏ آهي.- Advertisement -
