- Advertisement -
يورپي ملڪ هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اوربن اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته پاڪستان مستقبل ۾ چين وانگر عالمي طاقت بڻجي ويندو، يورپ جي پاليسين سبب ايشيائي ملڪ طاقت جو مرڪز بڻجي رهيا آهن، روس جي قيادت نهايت چالاڪ آهي، يوڪرين جو يورپي يونين جي ميمبرشپ حاصل ڪرڻ وارو خواب ڪڏهن پورو نه ٿي سگهندو.
رومانيه ۾ تقريب ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندي وڪٽر اوربن چيو ته مستقبل ۾ پاڪستان عالمي طاقتن ۾ شامل ٿيندو، عالمي نظام تبديلي طرف وڃي رهيو آهي ۽ عطالمي نظام ۾ تبديلي ايشيا کان شروع ٿيڻ وارو عمل آهي.
سندس چوڻ هو ته مستقبل ۾ عالمي طاقت اولهه کان اوڀر ۽ روس طرف منتقل ٿي ويندي، ايندڙ ڪيترائي ڏهاڪا شايد صدين ۾ ايشيا دنيا جو غالب مرڪز هوندو، چين ڀارت، پاڪستان ۽ انڊونيشيا دنيا جي وڏيون عالمي طاقتون ٿيندا.
هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اوربن چيو ته اڳوڻي عالمي نظام جي تبديلي به 500 سالن تي ٻڌل رهي آهي، اولهه جي اميدن جي ابتڙ هاڻي هر هڪ روس جي حمايت ڪري رهيو آهي، چين، اتر ڪوريا سان گڏ هاڻي ايران ۽ ڀارت جا به روس سان سٺا لاڳاپا آهن، نيٽو ڪارڪن هئڻ باوجود ترڪيه به روس سان گڏ آهي، مسلم دنيا به هاڻي روس کي دشمن بدران اتحادي سمجهي ٿي- Advertisement -
