تازه ترين

پاڪستان نيڌرلينڊ کي شڪست ڏئي ورلڊڪپ ۾ فاتحاڻي شروعات ڪئي

- Advertisement -
پاڪستان نيڌرلينڊ کي شڪست ڏئي ورلڊڪپ ۾ فاتحاڻي شروعات ڪئي آهي. حيدرآباد دکن ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيڌرلينڊ جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ پاڪستان کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان بيٽنگ جي شروعات روايتي انداز ۾ ڪئي، فخر  12 امام الحق 15 ۽ بابر اعظم 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. ٽي وڪيٽون جلد ڪرڻ بعد محمد رضوان ۽ سعود شڪيل ذميواريءَ سان بيٽنگ ڪندي ٽيم کي ڏکيائين مان ڪڍيو. سعود شڪيل هڪ ڇڪي  ۽  پنجن چوڪن جي مدد سان 52 بالن تي 68 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته محمد رضوان اٺن چوڪن جي مدد سان 68 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. محمد نواز 39 ۽ شاداب 32 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته شاهين آفريدي 13 ۽ حارث رئوف سورهن رنسون ٺاهيون. ائين قومي ٽيم 49 اوورن ۾ 286 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. نيڌرلينڊ طرفان بيس ڊي لِيڊِي 4، ايڪرمن 2، آريان دت، بِيِڪ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پاڪستان طرفان مليل 287 رنسن جي جواب ۾ نيڌرلينڊ جي ٽيم 205 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. نيڌرلينڊ طرفان نيس ڊي ليڊ 67، وڪرم جيت سنگهه 52 ۽ بِيڪِ28  رنسون ٺاهي ناميان رهيا. پاڪستان طرفان حارث رئوف 3، حسن علي 2، شاهين  آفريدي، افتخار احمد، محمد نواز ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ورلڊڪپ ۾ پهرين ميچ کيڏي شاندار ففٽي ٺاهيندڙ سعود شڪيل کي ميچ جو  بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
19 %
3kmh
50 %
آچر
27 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون