تازه ترين

پاڪستان ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا کي هوم گرائونڊ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
پاڪستان ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا کي هوم گرائونڊ ۾ شڪست ڏئي 22 سالن کانپوءِ سيريز کٽي نئين تاريخ لکي ڇڏي. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ پاڪستاني بالرن شاندار بالنگ ڪندي ميزبان ٽيم کي رڳو 140 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو. نسيم شاهه، 3 شاهين شاهه آفريدي 3 حارث رئوف 2 ۽ محمد حسين هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. قومي ٽيم 141 رنسن جو ٽارگيٽ رڳو ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 27هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. اوپنر عبدالله شفيق 37 ۽ صائم ايوب 42 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته محمد رضوان 30 ۽ بابر اعظم 28 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان 22 سالن کانپوءِ آسٽريليا کي هوم گرائونڊ ۾ شڪست ڏئي نئين تاريخ لکي ڇڏي. پاڪستاني بالر حارث رئوف کي مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
34.6 ° C
34.6 °
34.6 °
5 %
1.2kmh
16 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون