تازه ترين

پاڪستان ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻئي ميچ ۾ آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز هڪ- هڪ تان برابر ڪري ڇڏي

- Advertisement -
پاڪستان ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻئي ميچ ۾ آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز هڪ- هڪ تان برابر ڪري ڇڏي آهي. ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ 164 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ عبدالله شفيق ۽ صائم ايوب اننگز جي شروعات ڪئي ۽ قومي ٽيم کي پهريون نقصان 137 رنسن تي ٿيو جڏهن ته صائم ايوب 82 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، سندس اننگز ۾ 6 ڇڪا ۽ 5 چوڪا شامل هئا. عبدالله شفيق ۽ بابر اعظم اسڪور کي اڳتي وڌائيندي ٽيم کي فتح تائين پهچايو، عبدالله شفيق 64 ۽ بابر اعظم 15 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. آسٽريليا طرفان ايڊم زمپا 44 رنسون ڏئي رڳو هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ان کان اڳ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. آسٽريليا جي اننگز جي شروعات جيڪ فريزر ميڪ جارج ۽ ميٿيو شارٽ ڪئي پر ٻئي رانديگر شاهين شاهه آفريدي جو شڪار ٿيا. آسٽريليا طرفان آئوٽ ٿيندڙ ٽيون رانديگر جوش انگلس هو جيڪو 18 رنسون ٺاهي حارث رئوف جو شڪار ٿيو. محمد حسنين آسٽريليا جي سيٽ بيٽر اسٽيو سمٿ کي 35 رنسون ٺاهي وڪيٽن جي پويان ڪيچ آئوٽ ڪرايو، جڏهن ته ايرون هارڊي ۽ گلين ميڪسويل کي حارث رئوف پنهنجو شڪار بڻايو. مچل اسٽارڪ کي نسيم شاهه بولڊ ڪيو، جڏهن ته آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز حارث رئوف جو پنجون شڪار بڻيو، جڏهن ته آخري وڪيٽ شاهين شاهه آفريدي حاصل ڪئي. پاڪستان طرفان حارث رئوف 29 رنسون ڏئي 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي 26 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، هڪ هڪ وڪيٽ محمد حسنين ۽ نسيم شاهه جي حصي ۾ آئي. ٽاس کٽڻ کانپوءِ قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان جو چوڻ هو ته آسٽريليا خلاف پهرين ون ڊي کيڏندڙ ٽيم کي برقرار رکيو ويو آهي ۽ پليئنگ اليون ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي. آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز چيو ته جيڪڏهن هو ٽاس کٽي ها ته پهريان بالنگ ڪن ها، ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي آهي ۽ پهرين ون ڊي کٽيندڙ ٽيم کي برقرار رکيو آهي. ٽن ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ آسٽريليا دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
10 %
4.6kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون