تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان چين جي ترقي جي ماڊل مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان چين جي ترقي جي ماڊل مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، چين سان زراعت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي، سي پيڪ تحت سماجي ترقي بابت گڏيل ورڪنگ گروپ جا هاڪاري نتيجا نڪتا آهن. بيجنگ ۾وزيراعظم شهباز شريف سان چائنه انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ ڪارپوريشن ايجنسي جي چيئرمين لو زائو هوئي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران چين ۽ پاڪستان جي مضبوط دوستي، گڏيل ترقي، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ عملي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ريلوي مين لائن ون جي اپگريڊيشن منصوبي ۾ چين جي سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان چين جي ترقي جي ماڊل مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، چين سان زراعت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته لو زائو هوئي پاڪستان ۾ چين جي سفير طور پنهنجي ذميواريون بهتر نموني سرانجام ڏنيون، سي پيڪ تحت سماجي ترقي بابت گڏيل ورڪنگ گروپ جا هاڪاري نتيجا نڪتا آهن. سي آءِ ڊي سي اي چيئرمين مختلف شعبن ۾ پاڪ چين سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سي آءِ ڊي سي اي چيئرمين چيو ته پاڪ چين گڏيل خلا ۾ سيٽلائيٽ اماڻڻ جي مشن سان ٻنهي ملڪن جي دوستي سرحد کان پار هاڻي خلائن ۾ پهچي چڪي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون