پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
پاڪستان ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز جي ٻئي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 81 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. پاڪستان کي ون ڊي سيريز ۾ ٻه ٻڙي جي فيصلائتي سرسي حاصل ٿي وئي، جڏهن ته ڪامران غلام کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ڪيپ ٽائون ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 50هين اوور جي پنجين بال تي 329 رنسون ٺاهي ڏکڻ آفريڪا کي 330 رنسن جو حدف ڏنو. پاڪستان طرفان ڪپتان محمد رضوان، بابر اعظم ۽ ڪامران غلام جون شاندار ففٽيون اسڪور ڪيون. عبدالله شفيق ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويو، صائم ايوب 25، بابر اعظم 73، محمد رضوان 80 ۽ سلمان علي آغا 33 رنسون ٺاهيون. جڏهن ته ڪامران غلام 5 ڇڪن جي مدد سان 32 بالن تي 63 رنسون ٺاهيون. ڏکڻ آفريڪا طرفان مفاڪا 4، مارڪويانسن 3 وڪيٽون ورتيون، ميچ جي ٻئي اننگز ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم 248 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويئي،آفريڪا جي هينرڪ ڪلاسين 97 رنسون به ٽيم کي ڪاميابي ڏياري نه سگهيون، پاڪستان طرفان نسيم شاهه 3 ۽ ابرار احمد 2 وڪيٽون حاصل ڪيون……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21 ° C
21 °
21 °
23%
3.6m/s
6%
اڱارو
21 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون