وزيراعظم ۽ بنگلاديش جي عبوري سربراهه ۾ ملاقات

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سان بنگلاديش عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس ملاقات ڪئي. قاهرا ۾ ڊي ايٽ سربراهي اجلاس دوران ملاقات دوران  پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي سهڪار خاص ڪري  واپار، عوام وچ ۾  رابطن ۽ ثقافتي شعبن ۾ رابطن جي خواهش ظاهر ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف اقتصادي سهڪار جا نوان رستا ڳولڻ لاءِ گڏيل ڪوششون شروع ڪرڻ، ڪيميڪلز، سيمينٽ ڪلينڪرز،  طبي اوزارن، چمڙي جي مصنوعات ۽ آءِ ٽي سيڪٽر جهڙن شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ وسيع امڪان مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وزيراعظم شهباز شريف  پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾  واپار ۽ سفر جي سهولتن لاءِ تازن قدمن تي بنگلاديش جا ٿورا مڃا. بنگلاديش طرفان پاڪستان مان ايندڙ سامان جي 100 سيڪڙو فزيڪل معائني جي شرط ختم ڪرڻ ۽ ڍاڪا هوائي اڏي تي خاص سڪيورٽي ڊيسڪ ختم ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف ويزا جا درخواست ڏيندڙن لاءِ اضافي ڪليئرنس جو شرط ختم ڪرڻ تي بنگلاديش جا ٿورا مڃا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
27%
2.7m/s
84%
اڱارو
21 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون