- Advertisement -
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويو آهي.
آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي موجب پاڪستان کي هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر جاري ڪيا ويندا پر پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري سان مشروط آهي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان کي هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر جي قسط ملندي ئي 3 ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ ختم ٿي ويندي.
نئون قرض پروگرام معاشي بحالي لاءِ مضبوط ۽ پائيدار بنياد فراهم ڪرڻ لاءِ آهي.
آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان نئين پروگرام ذريعي پائيدار ترقي جو بنياد رکڻ چاهي ٿو، پاڪستان وچولي مدي واري پروگرام ذريعي مالي ڪمزورين کي ختم ڪرڻ ۽ معاشي بحالي چاهي ٿو.
پڌرائي ۾ پاڪستان جي معاشي قدمن تي آءِ ايم ايف تعريف ڪندي چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ نگران حڪومت گذريل ڪجهه مهينن ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن تي سختي سان عمل ڪيو، جڏهن ته نئين حڪومت پاڪستان کي معاشي طور تي مستحڪم بڻائڻ لاءِ انهن پاليسين جو تسلسل جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معاشي ۽ مالي صورتحال پهرين جائزي کان وٺي گذريل ڪجهه مهينن ۾ بهتر ٿي آهي، بهتر پاليسي انتظام جي ڪري ترقي ۽ اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته گهڻ طرفي ۽ ٻه طرفي ڀائيوارن کان رقم جي بحالي ۾ بهتري آئي آهي، پاڪستان جي ترقي هن سال معمولي رهڻ جي اميد آهي ۽ مهانگائي هدف کان وڌيڪ آهي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته معاشي ڪمزورين کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري پاليسي ۽ سڌارن جي ضرورت آهي، حڪومت مسئلن جي مستقل حل لاءِ وچولي مدي واري فنڊ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان نئين قرض پروگرام حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان سان وچولي مدي واري فنڊ پروگرام تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، ايندڙ مهينن ۾ ڌرين وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿينديون.
عالمي مالياتي اداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معاشي ۽ مالي صورتحال بهتر ٿي آهي، بهتر پاليسي مئنيجمينٽ سبب معاشي ترقي ۽ اعتماد بحال ٿيو آهي، اميد آهي ته پرائمري بيلنس 401 ارب رپيا رهندو، پرائمري بيلنس معيشت جو ٻڙي ڏهائي 4 سيڪڙو رهندو.- Advertisement -
