تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ست ارب ڊالر قرض پروگرام جي ايندڙ قسط لاءِ ڳالهيون جاري آهن

- Advertisement -
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ست ارب ڊالر قرض پروگرام جي ايندڙ قسط لاءِ ڳالهيون جاري آهن. ذريعن موجب، قرض پروگرام جي ايندڙ قسط لاءِ ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف، ايف بي آر ۽ بي آءِ ايس پي عملدار شريڪ ٿيندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر 605 ارب رپين جي ٽيڪس شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ منصوبو آءِ ايم ايف حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽيڪس اوڳاڙي جو شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ ڪابه مني بجيٽ نه آندي ويندي. ذريعن موجب، شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ عدالتن ۾ هلندڙ ٽيڪس ڪيسن کي جلد اڪلايو ويندو، حڪومت عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ٽيڪس ڪيسن ۾ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس به ٽيڪس ڪيسن جي ٻڌڻي جلد ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ ايندڙ هفتي سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿيندي. ذريعن موجب، ايف بي آر کي سپر ٽيڪس ڪيس جي مد ۾ 157 ارب رپيا حاصل ٿيڻ جي اميد آهي، ونڊ فال منافعي ٽيڪس ڪيس حڪومت اڳ ئي کٽي چڪي آهي، ونڊ فال تي ٽيڪس سان حڪومت کي 23 ارب رپيا اوڳاڙي ڪندي. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف، بي آءِ ايس پي کان رقم جي ورهاست تي بريفنگ ڪئي، بي آءِ ايس پي سان آءِ ايم ايف وفد ٻيهر ملاقات ڪندو. ذريعن موجب، اڄ سرڪاري آفيسرن جي اثاثن کي ڊڪليئر ڪرڻ جو تيار ڊرافٽ آءِ ايم ايف حوالي ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سول سرونٽس ايڪٽ ۾ ترميم ۾ ٻارن جي تعليمي ادارا به ٻڌايا وڃن، ان کانسواءِ گهر جي آمدني جا ذريعا ٻڌايا وڃن، زال مڙس جي اثاثن جي پاور آف اٽارني جي معلومات ڏني وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
12 %
5.9kmh
40 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون