- Advertisement -
عالمي مالياتي فنڊ کان نئون بيل آئوٽ پيڪيج حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي سطح جون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڌرين وچ ۾ پاليسي ڳالهيون 23 مئي تائين جاري رهنديون.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي سطح تي ڳالهيون شرع ٿي ويون.
ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڌرين وچ ۾ پاليسي ڳالهيون 23 مئي تائين جاري رهنديون.
ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف وفد جي قيادت نيٿن پورٽر ۽ پاڪستاني ٽيم جي قيادت ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ڪندو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ نئين قرض پروگرام جي ڪاٿي بابت صلاح مشوري جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، ڳالهين ۾ نئين قرض پروگرام جي شرطن ۽ ٽارگيٽ کي قطعي شڪل ڏني ويندي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نئين بجيٽ جي هدفن بابت به وڌيڪ صلاح مشورا ڪيا ويندا، نئين بجيٽ لاءِ ٽيڪس، نان ٽيڪس روينيو ۽ ميڪرو اڪنامڪ جي هدفن پتو لڳايو ويندو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، آءِ ايم ايف ڳالهين جي پڄاڻي تي امڪاني اسٽاف ليول معاهدي لاءِ اڃا تائين گرين سنگل ناهي ڏنو.- Advertisement -
