- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ٻڌو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگ هلي رهي آهي.
صد ر ڊونلڊ ٽرمپ امريڪا کان اسرائيل ويندي ايئرفورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو ان معاملي کي واپس اچي ڏسندو.
صدر ٽرمپ چيو ته هو جنگيون ختم ڪرائڻ جو ماهر آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوشش ڪندو، پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ به ٽيرف جي مدد سان روڪي هئي.
ٽرمپ چيو ته هي ان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته ان لکين انساني جانيون بچايون.
غزه جنگ بندي بابت ڳالهائيندي امريڪي صدر چيو ته غزه جنگ ختم ٿي وئي آهي ۽ هي جنگ بندي برقرار رهندي.
ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته غزه لاءِ بورڊ آف پيس جلد قائم ڪيو ويندو.
امريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته يرغمالين جي آزادي مقرر وقت کان اڳ ممڪن آهي.- Advertisement -
