تازه ترين

پاڪستان ۽ ايران دهشتگرديءَ کي گڏيل خطرو قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان ۽ ايران دهشتگرديءَ کي گڏيل خطرو قرار ڏئي ڇڏيو، ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ملاقات ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي دهشتگردي خلاف اعليٰ سطح جي ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اعليٰ سطح جي ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير شامل هوندا، دهشتگردي بابت هڪٻئي جي خدشن کي ختم ڪيو ويندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته دهشتگرديءَ خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، سرحدي علائقن ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻي پوندي، مضبوط لاڳاپا ٻنهي ملڪ جي ترقي لاءِ تمام گهڻو اهم آهن. هن ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ رابطي لاءِ تربت ۽ زاهدان ۾ رابطا آفيسر مقرر ڪيا ويندا، رياست جي خودمختاري ۽ احترام ضروري آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته دهشتگردي ٻنهي ملڪن جو گڏيل مسئلو آهي، ايران سان اعليٰ سطح جا رابطا آهن جيڪا غلط فهمي هئي ان تي ضابطو آندو ويو آهي. ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته دهشتگردن کي ڪاررواين جو ڪو به موقعو فراهم نه ڪيو ويندو، سرحد تي سرگرم دهشتگرد ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل خطرو آهن،  دهشتگردن ايران کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته دهشتگردن کي پنهنجي گڏيل سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ماضي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪڏهن علاقائي تڪرار نه رهيو، هو پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختاري جو احترام ڪن ٿا. ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير اللهيان چيو ته دهشتگردن پاڪستان ۽ ايران کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بارڊر فوري طور کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
39 %
2kmh
12 %
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون