- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن عام چونڊن دوران 50 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن کي حساس يا نهايت حساس قرار ڏئي ڇڏيو.
ذريعن جو چون آهي ته حساس يا انتهائي حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنن جو انگ 46 هزار 65 آهي، اليڪشن ڪميشن 27 هزار 628 پولنگ اسٽيشنون کي حساس ۽ 18 هزار 437 پولنگ اسٽيشنن کي نهايت حساس قرار ڏنو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ 12 هزار 580 پولنگ اسٽيشنون حساس ۽ 6 هزار 40 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن جڏهن ته پنجاب ۾ 32 هزار 324 پولنگ اسٽيشنن کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب، سنڌ جي 6 هزار 545 پولنگ اسٽيشنن کي حساس، 6 هزار 524 کي نهايت حساس ۽ 5 هزار 937 لي نارمل قرار ڏنو ويو آهي اهڙي طرح خيبرپختونخوا جي 6 هزار 166 پولنگ اسٽيشنن کي حساس، 4 هزار 143 کي نهايت حساس ۽ 5 هزار 388 پولنگن کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ ٽوٽل 5 هزار 28 پولنگ اسٽيشنون آهن جن مان رڳو 961 نارمل قرار ڏنيون ويون آهن جڏهن ته 2 هزار 337 حساس ۽ هڪ هزار 730 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن.
واضح رهي ته عام چونڊن لاءِ سڄي ملڪ ۾ 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن…- Advertisement -
