- Advertisement -
پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران کي هاڻي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ايران طرفان پاڪستان جي خودمختاري تي حملي جو امڪان نه هو، ايران کي جيڪڏهن خدشا هئا ته هو پاڪستان کي آگاهه ڪري ها، پاڪ ايران سرحد تي ڪيترن ئي سالن کان اهڙي قسم جا اشو ٿيندا رهيا آهن، پاڪستان ايران کي گهڻو سوچي سمجهي جواب ڏنو آهي، بهتر ٿيندو ته ٻئي ملڪ اهڙي قسم جي تڪرار کي وڌيڪ وڌڻ نه ڏين.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته پاڪستان جا ايران سان پراڻا رابطا آهي، لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايران کي هاڻي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ايران طرفان پاڪستان جي خودمختاري تي حملي جو امڪان نه هو.
پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو ته ايران کي جيڪڏهن خدشا هئا ته هو پاڪستان کي آگاهه ڪري ها، پاڪ ايران سرحد تي ڪيترن ئي سالن کان اهڙي قسم جا اشو ٿيندا رهيا آهن.
شيري رحمان چيو ته پاڪستان ايران کي گهڻو سوچي سمجهي جواب ڏنو آهي، بهتر ٿيندو ته ٻئي ملڪ اهڙي قسم جي تڪرار کي وڌيڪ وڌڻ نه ڏين.- Advertisement -
