تازه ترين

پاڪستان ۽ سعودي عرب، 5 ارب ڊالر سيڙپڪاري جو مرحلو جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق

- Advertisement -
پاڪستان ۽ سعودي عرب، 5 ارب ڊالر سيڙپڪاري جو مرحلو جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شهبازشريف وچ ۾ ملاقات جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويوآهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته سعودي ولي عهد ۽ شهبازشريف وچ ۾ الصفا پيلس مڪي ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ محمد بن سلمان، عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم شهبازشريف کي واڌايون ڏنيون. جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ملاقات ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي ماليت جي  سعودي سيڙپڪاري پيڪيج جو پهريون مرحلو جلد مڪمل ڪرڻ وارو عزم ورجايو ويو. پڌرنامي موجب  ڳالهين جو مرڪز پاڪ سعودي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ هو. ملاقات ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ سعودي عرب جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي وئي ۽ پاڪ سعودي ڪاروبار توڙي سيڙپڪاري ۾ سهڪار وڌائڻ جي گڏيل مفاد جو عزم ورجايو ويندو. شهبازشريف سعودي عرب جي غيرمشروط حمايت ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن لاڳاپن توڙي اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستاني عزم ورجايو. جاري ڪيل پڌرنامي موجب ٻنهي اڳواڻن غزا جي ڳڻتي جوڳي صورتحال سميت  گڏيل دلچسپي توڙي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائيءَ تي  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهبازشريف غزا ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروايون روڪڻ ۽ انساني جاني نقصان  گهٽائڻ لاءِ عالمي ڪوششن تي زور ڀريو. ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته عالمي برادري اسرائيل تي دٻاءُ وڌائي ته جيئن اهو غيرقانوني قدمن کي روڪي عالمي قانونن تي عمل ڪري. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم خطي ۾ امن ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرار خاص طور ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جي اهميت تي زور ڀريو. وزيراعظم شهبازشريف، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن کي هن قبول ڪري ورتي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون