- Advertisement -
سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اقتصادي سهڪار انتهائي اهم آهي، علاقائي خوشحالي جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي خطن ۾ ترقي جا وسيع امڪان موجود آهن.
اسلام آباد ۾ پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته پاڪستان سندن لاءِ ٻيو گهر آهي، هو دوست نه هڪ خاندان آهن، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي.
سندس چوڻ هو ته سندن معيشيت ۽ معاشرت هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مذهبي ۽ روحاني تعلق قائم آهي.
سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته اڍائي ملين پاڪستاني سعودي عرب ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، سعودي ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جو اتان جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ پرعزم آهن، بزنس فورم ڪاروباري ماڻهن لاءِ بهترين فورم آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ اقتصادي سهڪار انتهائي اهم آهي.
سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته علاقائي خوشحالي جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي خطن ۾ ترقي جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪ سعودي گڏيل واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، ايس آءِ ايف سي جي مددگاري سندن لاءِ اهم آهي.- Advertisement -
