پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي ڀائپي لاڳاپا آهن، کين گڏجي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي : مصدق ملڪ

- Advertisement -
پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي ڀائپي لاڳاپا آهن، کين گڏجي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فائديمند ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، پاڪستان ۾ معدنيات جا وسيع ذخيرا موجود آهن، سعودي تيل جا وسيع ذخيرا رکي ٿو، گوادار مستقل ۾ سڄي دنيا لاءِ واپاري راهداري جو وڏو مرڪز بڻجڻ وڃي پيو. اسلام آباد ۾ پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪاري فورم 2024ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مصدق ملڪ چيو ته بنا شڪ شبي جي سعودي عرب وڏو ۽ امير ڀاءُ ملڪ آهي، پر پاڪستان ترقي جي سفر ۾ ڀائيواري چاهي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عرب جو ٽيلنٽ گڏ هجي ته هو گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان وٽ دنيا جي سڀ کان وڏي ٽا۾ي جي کاڻ آهي، انفرا اسٽڪرچر عمارت لاءِ نه رڳو پاڪستاني پر سعودي شعبي کي به دعوت ڏيڻ ٿا. پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته گوادر پنهنجي لوڪيشن سبب مستقبل ۾ واپاري مرڪز بڻجڻ وڃي رهيو آهي، هر پاڪستاني جي خواهش زندگي ۾ هڪ ڀيرو مقدس هنڌن تي ڏسڻ آهي، پاڪستان ريڊ ٽيپزم کان ريڊ ڪارپٽ طرف سفر تي هلي رهيو آهي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي پليٽ فارم تان سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون، پاڪستان ۾ خوبصورت سياحتي هنڌ موجون آهن، هو چاهن ٿا ته سعودي خاندانن لاءِ ملڪ ۾ فيملي ٽورزم کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي ڀائپي لاڳاپا آهن، کين گڏجي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فائديمند ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
41%
3.2m/s
0%
خميس
19 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون