حڪومت جي بهترين معاشي پاليسين جي نتيجي ۾ استحڪام اچي رهيو آهي : محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت جي بهترين معاشي پاليسين جي نتيجي ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، گذريل ڏهن مهينن کان پاڪستان جي ڪرنسي ۾ استحڪام آيو آهي، ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، توانائي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، معاشي سڌارا سندن ايجنڊا آهي، معيشيت جي مضبوبي لاءِ خانگي شعبي جي ڀائيواري انتهائي ضروري آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪاري فورم 2024ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ هاڪاري ردعمل ظاهر ڪري رهي آهي، گذريل ڏهن مهينن کان پاڪستان جي ڪرنسي ۾ استحڪام آيو آهي. سندس چوڻ هو ته ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، کين شيون ٻاهر موڪلڻ ۾ واڌ ڪرڻي آهي، توانائي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جو هلندڙ مالي سال ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هڪ ارب ڊالر کان گهٽ رهندو، ايندڙ ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف سان ايندڙ پروگرام بابت ڳالهين جي شروعات ٿيندي. هن چيو ته پي آءِ اي کي خانگاهڻ ۽ اسلام آباد ايئر پورٽ جي آئوٽ سورسنگ جو معاملو جون، جولاءِ تائين مڪمل ڪيو ويندو، ڊگهي مدي واري حل طرف وڌڻو پوندو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر کي ملڪ کي اڳتي کڻي وڃڻو آهي ته اڄ خانگي شعبي جي ماڻهن کي اڳين سيٽن تي ويهڻ گهرجي، سمورن وزيرن ۽ بيورو ڪريٽس کي پوئين سيٽن تي ويهڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته حڪومت جي بهترين معاشي پاليسين جي نتيجي ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، معاشي استحڪام لاءِ پاليسين ۾ تسلسل ضروري آهي، واپارين ۽ سيڙپڪارن جي مدد لاءِ ناڻي واري وزارت جون خدمتون حاضر آهن. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته معاشي سڌارا سندن ايجنڊا آهن، هو پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
41%
3.2m/s
0%
خميس
19 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون