پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب کي بزنس ماڊلز متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، ايس آءِ ايف سي سعودي سيڙپڪارن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي، جڏهن ته سعودي عرب پاڪستان ۾ سياحت جي موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو.
اسلام آباد ۾ پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي ڀائپي لاڳاپا آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، پاڪستان ۾ دوست ملڪن جي سيڙپڪارن لاءِ ريڊ ڪارپٽ وڇائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.
پيٽروليم واري وزير چيو ته سعودي عرب ۾ پيٽروليم جي ڪچي مال جا ڪيترائي وسيلا موجود آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب کي بزنس ماڊلز متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي.
مصدق ملڪ چيو ته ايس آءِ ايف سي سعودي سيڙپڪارن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي.
