تازه ترين

پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾واپار، زراعت ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

- Advertisement -
پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾واپار، زراعت ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته ملائيشيا جو هي پهريون دورو آهي، هو مانائتي آڌرڀاءُ تي صدر داتو سري ۽ وزيراعظم انور ابراهيم جا ٿورائتا آهن. سندس چوڻ هو ته ملائيشيا سندن ٻيو گهر آهي، ملائيشيا کي ترقي يافته بڻائڻ ۾ انور ابراهيم جو اهم ڪردار آهي. وزيراعظم چيو ته ٻه طرفي لاڳاپن جي حوالي سان انور ابراهيم جو پاڪستان جو دورو يادگار هو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڪاري ڳالهيون ٿيون، ٻه طرفي لاڳاپن ۾ اضافي ۽ عالمي معاملن بابت ڳالهيون ٿيون، هن دوري سان گڏيل لاڳاپن کي هٿي ملي. شهباز شريف چيو ته فلسطين مسئلي ۽ غزا جي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي، وڏي انگ ۾ پاڪستان شاگرد ملائيشيا ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان مان 20 ڪروڙ ڊالر جو حلال گوشت گهرائڻ واري فيصلي جي هو آجيان ڪن ٿا، حلال گوشت جي واپار کي وقت سان گڏ وڌيڪ وڌايو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ لاڳاپا نين بلندين تي آهن، هو ملائيشيا جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل منصوبن جا خواهشمند آهن. وزيراعظم، ملائيشين هم منصب جي ڪتاب اسڪرپٽ جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته ڪتان اسلام آباد ۽ ڪوالالمپور وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندو، قومون محنت سان ئي ترقي ڪنديون آهن، هو ملائيشيا جي تجربن مان فائدو حاصل ڪندا. شهباز شريف، انور ابراهيم جي فرمائش تي علامه اقبال جا شعر به پڙهي ٻڌايا. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته پاڪستان سان 1957ع کان ڀائپي لاڳاپا آهن، وقت سان گڏ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مستحڪم ٿيا، واپار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف سان خطي ۾ امن امان جي صورتحال بابت ڳالهيون ٿيون، فلسطين جي سنگين صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملائيشيا جي وزيراعظم چيو ته خطي سميت عالمي معاملن بابت ڳالهيون ٿيون، سندن خطي ۾ استحڪام لاءِ پاڪ ڀارت امن اهم آهي. انور ابراهيم چيو ته دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. ان کان اڳ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي ڪتاب اسڪرپٽ جي اردو ترجمي واري مهورتي تقريب ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف به شرڪت ڪئي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
35 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون