تازه ترين

پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي ۾ ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، عالمي برادري کي اسرائيل ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪرائڻ گهرجي:ممتاز زهرا بلوچ

- Advertisement -
پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي افواهن کي رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته  پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي ۾ ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، عالمي برادري کي اسرائيل ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪرائڻ گهرجي، پاڪستان فلسطينين جي خود اراديت جي حق جي جدوجهد جي حمايت ڪندو رهندو، بيلاروس جي صدر سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪيون آهن، ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيون ڪيون ويون آهن. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان لبنان ۾ ٿيل جنگبندي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو، عالمي برادري اسرائيل کي جارحيت ۽ نسل ڪشي تي جوابده قرار ڏئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان فلسطينين جي حمايت ۽ اسرائيل جي جاري ظلم جي مذمت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي ۾ ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر اياز صادق ماسڪو جي دوري تي آهي، جڏهن ته بيلاروس جي صدر پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو بيلاروس جي صدر سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪيون آهن، ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيون ڪيون ويون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
36 %
2kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون