پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ اڳڀرائي ٿي آهي: احسن اقبال

- Advertisement -
رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ اڳڀرائي ٿي آهي، چين سان مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سي پيڪ اهم منصوبو آهي، ٻنهي ملڪ گيم چينجر سي پيڪ منصوبي جا 10 سال ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتا آهن، ٻئي مرحلي ۾ پاڪستان ۾ معيشيت، ماحوليات، توانائي ۽ تعليم سميت اهم منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ سي پيڪ تحت 13هين گڏيل سهڪار ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سيڙپڪاري ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي، چين سان مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائي ويندي. سندس چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سي پيڪ اهم منصوبو آهي، ٻنهي ملڪ گيم چينجر سي پيڪ منصوبي جا 10 سال ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتا آهن. رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ٻئي مرحلي ۾ پاڪستان ۾ معيشيت، ماحوليات، توانائي ۽ تعليم سميت اهم منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ منصوبو بي آر اي جو فليگ شپ پراجيڪٽ آهي، چين سان پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائيندا، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سيڙپڪاري بابت معاملا  اڳتي وڌي رهيا آهن. رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پيش ايندڙ چئلينجن جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي اختيارين ۾ تفصيلي ڳالهيون ٿينديون
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
15%
3.1m/s
0%
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون