- Advertisement -
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ آخري ون ڊي ميچ اڄ کيڏي ويندي گرين شرٽس سيريز وائيٽ واش ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽِين ۽ آخري ميچ اڄ کيڏي ويندي، ميچ پاڪستاني وقت موجب شام پنجين وڳي شروع ٿيندي.
پاڪستان کي ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ٻه ٻڙيءَ جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف آخري ون ڊي کيڏڻ لاءِ جوهانسبرگ پهتل آهي.
گذريل ڏينهن قومي ٽيم جوهانسبرگ ۾ پريڪٽس سيشن ۾ حصو ورتو.- Advertisement -
