- Advertisement -
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري چيو آهي ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتاب پهچائڻ وارو ڪم هلندڙ آهي.
عبدالعليم لاشاري وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي خاص هدايتن تي 31 جولاءِ کان سنڌ جي سرڪاري اسڪولن لاءِ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي درسي ڪتاب پهچائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو هو، 14 ڏينهن اندر سنڌ جي 27 ضلعن ۾ درسي ڪتاب پهچايا ويا آهن.
هن چيو ته 14 ڏينهن اندر 80 سيڪڙو ڪتابن جي ورهاست وارو ڪم ڪري چڪا آهن، رهيل ضلعن اندر سڀاڻي تائين ڪتاب پهچايا ويندا.
چيئرمين عبدالعليم لاشاري جو چوڻ هو ته درسي ڪتابن جي کوٽ وارين خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران درسي ڪتابن جي تياري، اشاعت ۽ ورهاست کي يقيني بڻائيندي سنڌ جي نئين نسل کي علم ۽ شعور سان گڏو گڏ فني تعليم واريون صلاحيتون وڌائڻ وارو مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته سنڌ جي عوام کي اپيل آهي ته پنهنجي ٻارن خاص طور تي نياڻين کي تعليم جهڙي زيور سان نوازڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي کنيل قدمن مان فائدو حاصل ڪري جيئن سنڌ جو ايندڙ نسل تعليم جي زيور سان مالا مال ٿي سگهي.- Advertisement -
